Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري گناهہ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ٿوري وقت کانپوءِ يسوع هن کي هيڪل ۾ گڏيو، ۽ چيائينس تہ ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿيو آهين: وري گناهہ نہ ڪج، متان هن کان بہ وڏي خرابي ٿئي ئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ٿوري وقت کان پوءِ يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري پاپ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کي ھيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، ھاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آھين، سو وري گناھہ نہ ڪجانءِ، متان ھن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آخز بادشاهہ پنهنجي تنگيءَ وارن ڏينهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ خداوند جو نافرمان ٿي پيو.


پر جيئن ئي هنن کي آرام مليو، تيئن ئي هنن وري بہ اُهي ئي ڪم ڪيا، جيڪي تنهنجي نظر ۾ بُرا هئا. تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن مٿن حڪمراني ڪئي. وري جڏهن هنن تو کي ٻاڏايو، تڏهن تو انهن جون دانهون عرش عظيم مان ورنايون. ائين بار بار تو هنن کي پنهنجي وڏيءَ ٻاجھہ سان ڇڏايو.


بيشڪ خداوند مون کي گھڻي کان گھڻي سيکت ڏني، پر تڏهن بہ مون کي موت جي حوالي ڪين ڪيائين.


انهيءَ ڪري جو مون هن جا سڀ قاعدا قانون پنهنجي اڳيان رکيا، ۽ انهن کان ڪڏهن بہ پاسيرو نہ ٿيس.


سو منهنجا دشمن جيڪي منهنجي چوڌاري آهن، تن تي آءٌ غالب پوندس. تڏهن مقدس خيمي اندر آءٌ خوشيءَ جي نعرن سان قربانيون ڪندس. آءٌ ڳائيندي وڄائيندي خداوند جو حمد وَ ثنا ڪندس.


اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ۽ دشمنن کان مليل منهنجي ڏک تي نظر ڪر. تون مون کي موت جي دروازن تان اٿاري آڻ،


اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. تنهنڪري اسين سڀيئي پنهنجي سڄي عمر تنهنجي هيڪل ۾ تار وارن سازن تي تنهنجي واکاڻ ڳائيندا رهنداسين.“


تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”مون لاءِ ڪهڙي نشاني آهي تہ آءٌ اُٿي وري هيڪل ۾ عبادت لاءِ وڃي سگھندس؟“


ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو هنڌ چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي ۽ انهيءَ هنڌ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي. اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي جيڪو ڦرڙيءَ مان پيدا ٿيو آهي.


جيڪڏهن انهيءَ جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا، بلڪ منهنجي خلاف ئي هلندا رهندا،


جيڪڏهن هو اها قرباني شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري تہ جانور ذبح ڪرڻ سان گڏ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل بي‌خميري مانيون، تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون ۽ تيل ۾ ڳوهي پچايل ڍوڍا پيش ڪري.


تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ بدتر ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“


عيسيٰ انهن جو ايڏو ايمان ڏسي انهيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ! تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“


جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو هو تنهن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اهو ڪير هو، ڇاڪاڻ تہ گھڻي گوڙ هئڻ ڪري عيسيٰ اتان کسڪي هليو ويو هو.


اتي هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو اٺٽيهن سالن کان مرض ۾ ورتل هو.


انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي گنهگار نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري گناهہ نہ ڪجانءِ.“


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بت‌پرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ