Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:53 - Muslim Sindhi Bible

53 تنهن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اهو ئي وقت هو جڏهن عيسيٰ کيس چيو هو تہ ”تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انهيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين عيسيٰ تي ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 تڏهن پڻس کي خبر پيئي تہ هي اهو ئي وقت هو، جڏهن يسوع کيس چيو تہ تنهنجو پٽ بچيو: ۽ پاڻ ۽ سندس سڄي خاندان ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

53 تنهن تي ٻار جي پتا کي ياد آيو تہ برابر اهو ئي وقت هو جڏهن يسوع کيس چيو هو تہ ”تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انهيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين يسوع تي وشواس آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

53 تنھن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اھو ئي وقت ھو جڏھن عيسيٰ کيس چيو ھو تہ ”تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انھيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:53
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن پنهنجي حڪم سان کين شفا بخشي هئي، ۽ کين برباديءَ کان بچايو هئائين.


بيشڪ جيئن ئي هن فرمايو تيئن دنيا پيدا ٿي پيئي، هائو، هن جي حڪم ڏيڻ سان ڌرتي وجود ۾ اچي ويئي.


پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابراهيم جو اولاد آهين.


عملدار اڃا گھر ڏانهن وڃي رهيو هو تہ سندس نوڪر کيس رستي تي گڏيا ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنهنجو پٽ خوش ٿي ويو آهي.“


تنهن تي هن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اها ڪهڙي مهل هئي جڏهن منهنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو؟“ انهن وراڻيس تہ ”ڪالهہ منجھند جو هڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“


هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘


پوءِ جڏهن انهيءَ عورت پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند عيسيٰ تي ايمان رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.


پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. خدا تي ايمان آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو.


عبادت‌خاني جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو پيغام ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ