Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:40 - Muslim Sindhi Bible

40 سو اهي سامري عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس عرض ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن عيسيٰ ٻہ ڏينهن اتي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 پوءِ جڏهن اُهي سامري وٽس آيا، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان وٽ اچي ٽڪ، ۽ هو اُتي ٻہ ڏهاڙا ٽڪي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 سو اهي سامري يسوع وٽ آيا ۽ کيس وينتي ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن يسوع ٻہ ڏينهن اتي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:40
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ ”هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ڦٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يعقوب وراڻيس تہ ”آءٌ تيستائين تو کي وڃڻ نہ ڏيندس جيستائين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.“


منهنجي ڏنل سکيا تي سدائين ثابت قدم رهو ۽ انهيءَ کان هيڏي هوڏي نہ ڦرو. انهيءَ کي محفوظ رکو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي زندگيءَ جو بنياد آهي.


آءٌ اڃا انهن کان ٿورو اڳتي هليس، تہ هو مون کي ملي ويو، جيڪو منهنجي جان کان پيارو آهي. مون هن کي جھلي ورتو ۽ وڃڻ ڪين ڏنو مانس، ايستائين جو آءٌ کيس پنهنجي ماءُ جي گھر ۾ وٺي آيس، هائو، انهيءَ ماءُ جي گھر، جنهن مون کي پنهنجي پيٽ ۾ جھليو هو.


اي بني اسرائيل جي اميد! اي مصيبت ۾ اسان کي بچائيندڙ! ڇو تون پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين وانگر ٿو رهين؟ ڇو تون انهيءَ مسافر وانگر ٿو رهين، جنهن کي رڳو هڪڙي رات رهڻي هجي؟


ان عورت جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.


پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو.


تڏهن جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس منٿ ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي هلو.“ پر عيسيٰ کيس اهو چئي موٽائي گھر ڏانهن موڪليو تہ


انهيءَ شهر جي گھڻن ئي سامرين ان عورت جي شاهديءَ جي ڪري عيسيٰ تي ايمان آندو، جنهن ۾ هن چيو پئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو سڀ هن مون کي ٻڌايو آهي.“


سندس ڳالهين جي ڪري ٻين بہ گھڻن ئي مٿس ايمان آندو.


انهن ٻن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل علائقي ڏانهن هليو ويو.


پوءِ جڏهن انهيءَ عورت پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند عيسيٰ تي ايمان رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.


تنهنڪري انهيءَ شهر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي ماني کائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ