Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اسان جا وڏا تہ هن سامهون واري جبل تي عبادت ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 اسان جا وڏا هن جبل تي عبادت ڪندا هئا؛ ۽ اوهين چئو ٿا تہ اها جاءِ جتي عبادت ڪرڻ گهرجي سا يروشلم ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اسان جا وڏا تہ هن سامهون واري جبل تي ڀڳتي ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي ڀڳتي ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 اسان جا وڏا تہ ھن جبل تي عبادت ڪندا ھئا، پر اوھين يھودي چئو ٿا تہ ’جنھن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آھي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کيس چيو تہ ”جيڪا دعا ۽ منٿ تو منهنجي حضور ۾ ڪئي آهي سا مون ٻڌي آهي. هيءَ هيڪل جيڪا تو هميشہ جي لاءِ منهنجي نالي تي جوڙائي آهي تنهن کي مون پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي. منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين ان تي لڳا رهندا.


پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون. هن خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند آسمان مان باهہ موڪلي کيس ورندي ڏني، جنهن اچي قربان‌گاهہ تي پيش ڪيل قربانيون ساڙي ڇڏيون.


سو دائود چيو تہ ”هتي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ ئي خداوند جي هيڪل ٺاهي ويندي ۽ اڳتي هيءَ ئي بني اسرائيل لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ جي قربان‌گاهہ ٿيندي.“


پر هاڻ مون يروشلم شهر کي پنهنجي نالي لاءِ چونڊيو آهي ۽ تو دائود کي پنهنجي قوم بني اسرائيل تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ چونڊيو اٿم.‘“


تڏهن رات جو خداوند کيس ڏيکاري ڏيندي چيو تہ ”مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ هن هيڪل کي پنهنجي لاءِ قربانين واسطي قبول ڪيو اٿم.


مون هن هيڪل کي چونڊي مخصوص ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هميشہ منهنجو نالو قائم رهي. سو منهنجي نگاهہ ۽ دل هر وقت مٿس رهندي.


بيشڪ خداوند صيئون کي چونڊي ڪڍيو آهي. هن انهيءَ کي پنهنجي رهڻ جي خاطر پسند ڪيو آهي،


بلڪ هن يهوداہ جي قبيلي کي انهيءَ جي لاءِ چونڊي ڪڍيو، يعني صيئون جبل کي چونڊيائين، جنهن سان کيس ڏاڍو پيار هو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟


پر اتان جي ماڻهن عيسيٰ جو ڳوٺ ۾ اچڻ قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندس رخ يروشلم ڏانهن هو.


ڇا اوهين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آهيو، جنهن هي کوهہ اسان کي ڏنو هو؟ هِن مان هو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا هئا.“


پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اوهين برڪت جو اعلان گرزيم جبل تان ۽ لعنت جو اعلان عيبال جبل تان ڪجو.


”جڏهن اوهين سڀ اردن درياءُ ٽپي پار وڃو، تڏهن برڪتن لاءِ اشاري طور هي قبيلا گرزيم جبل تي بيهن: شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار، يوسف ۽ بنيامين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ