Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان جيون جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس امر جيون ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏھن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ ھڪ چشمو ٿي پوندو، جنھن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو جو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:14
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن کي نہ بک لڳندي، نہ اڃ، نڪي گرمي ۽ نہ اُس ئي کين ڪو نقصان پهچائيندي، ڇاڪاڻ تہ جنهن هستيءَ جي مٿن رحمت آهي، سو ئي سندن رهنما ٿيندو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن ڏانهن کين وٺي ويندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي سمورا اڃايلؤ! اچو، اچي پاڻي پيئو. اوهين جن وٽ پئسو ڪونهي، سي بہ اچو، اچي اناج وٺو ۽ کائو. هائو، اچو ۽ اڻ‌مُلهو ۽ بنا پئسي مئي ۽ کير وٺو.


آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.


انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“


آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس.


سو ائين ئي ٿيندو جو جتان بہ هيءَ ندي وهندي، اتي زندگي بخشيندي. هر ساهوارو انهيءَ مان زندگي حاصل ڪندو ۽ ان ۾ تمام گھڻيون مڇيون ٿينديون. انهيءَ سان کاري سمنڊ جو پاڻي ايترو تہ مٺو ٿي ويندو جو


انهيءَ هوندي بہ ڪو چشمو يا تلاءُ جنهن ۾ گھڻو پاڻي هجي سو پاڪ رهندو، باقي ٻي ڪابہ شيءِ انهن جي مڙهہ کي لڳندي تہ اها ناپاڪ ٿيندي.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي دائمي زندگي.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.


۽ جيڪو بہ جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي ايمان آهي؟“


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“


عورت کيس چيو تہ ”سائين! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو هي پاڻي پيئي ٿو تنهن کي وري اڃ لڳي ٿي.


ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين.


فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان دائمي زندگي ٿي ملي. اهو کاڌو ابنِ آدم اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پيءُ يعني خدا هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آهيان. جيڪو مون تي ايمان رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي.


هيءَ اها حقيقي ماني آهي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. هيءَ ماني اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ ماني کائيندو سو هميشہ زندہ رهندو.“


پوءِ تنبن واري عيد جو آخري ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي عيسيٰ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.


تنهنڪري جيئن گناهہ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي خدا جي فضل جي حڪمراني اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي ٿي بخشي.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


هن ئي اسان جي دلين تي پنهنجي مالڪيءَ جي مُهر هنئي آهي. اها مُهر پاڪ روح آهي، جيڪو اسان جي دلين ۾ وجھي هن پنهنجي واعدن جو بيانو ادا ڪيو آهي.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي محبت جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري دل وَ جان سان پاڻ ۾ گَهري محبت رکو.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


انهن کي وري ڪڏهن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ