Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن خداوند کي خبر پيئي تہ فريسين ٻُڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان بہ وڌيڪ شاگرد پيو ڪري ۽ بپتسما پيو ڏئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان وڌيڪ چيلا ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 فريسين ٻڌو تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رھيو آھي ۽ بپتسما ڏيئي رھيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،


جيڪڏهن ڪو اوهان کان پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوهين چئجوس تہ ’استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي.‘“


هنن ورندي ڏنس تہ ”استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي.“


ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ خداوند آهي.


جڏهن خداوند ان رن‌زال کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ڪهل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


خداوند ڏانهن اهو چوائي موڪليو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


ان کان پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت يهوديہ جي ٻئي علائقي ۾ آيو، جتي هو ساڻن گڏ رهيو ۽ ماڻهن کي بپتسما ڏيڻ لڳو.


سو اهي يحيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي استاد! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“


خدا جي خوشخبريءَ جو پيغام جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ عيسيٰ مسيح جيڪو سڀني جو خداوند آهي، تنهن جي وسيلي خدا سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙهي جان ڏيڻ بي‌اثر ٿئي.


پهريون انسان ڌرتيءَ جو هو ۽ مٽيءَ مان ٺهيل هو، جڏهن تہ ٻيو انسان آسمان مان آيو.


انهيءَ ڏاهپ کي هن دنيا جي حاڪمن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو. جيڪڏهن اهي سمجھن ها تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏهن بہ صليب تي ڪين چاڙهين ها.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر عيسيٰ مسيح بابت تبليغ ڪريون ٿا تہ هو ئي خداوند آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوهان جا خادم آهيون.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو.


هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ