Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:27 - Muslim Sindhi Bible

27 تنهن تي يحيٰ جواب ڏنو تہ ”ڪوبہ ماڻهو تيستائين ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي، جيستائين کيس عرش عظيم مان نہ ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 يوحنا جواب ڏيئي چيو، تہ جيسين ڪنهن ماڻهوءَ کي آسمان مان ڪجهہ عطا نہ ٿئي، تيسين کيس اُهو ملي نٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 تنهن تي يوحنا جواب ڏنو تہ ”ڪوبہ ماڻهو تيستائين ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي، جيستائين کيس ايشور وٽان نہ ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:27
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جڏهن مون تو کي ماءُ جي پيٽ ۾ خلقيو، تنهن کان اڳ ئي مون تو کي چونڊي ڇڏيو هو. تنهنجي ڄمڻ کان اڳ مون تو کي مخصوص ڪري دنيا کان ڌار ڪيو هو ۽ تو کي قومن جو نبي مقرر ڪري ڇڏيو هو.“


پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ ”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“ مون تہ ڪڏهن بہ هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي. جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.


پر خداوند مون کي ڌڻ چارڻ کان ڇڏائي فرمايو تہ ’اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم ۾ وڃي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.‘


پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چونڊيندس تنهن جي لٺ ڦٽي نڪرندي. اهڙيءَ طرح تنهنجي خلاف بني اسرائيل جي گھڙيءَ گھڙيءَ واري شڪايت کي آءٌ ٻنجو ڏيئي ڇڏيندس.“


ٻڌايو تہ يحيٰ جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، خدا جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘


هن هر هڪ کي سندس قابليت موجب رقم ڏني. انهن مان هڪ کي پنج هزار سون جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ هزار ۽ ٽئين کي هڪ هزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي هليو ويو.


ابنِ آدم جو موٽي اچڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پرديس تي ويو هجي ۽ گھر مان نڪرڻ مهل پنهنجي نوڪرن کي اختياري ڏيئي هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو هجي تہ ’سجاڳ رهجانءِ.‘


ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يحيٰ ڪوبہ معجزو تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“


هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پيءُ کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“


انهيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اهو ڪرم ڪيو جو آءٌ رسول مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي پيغام ڏيان تہ هو ايمان آڻي فرمانبردار ٿين.


خدا جيڪو فضل اسان تي ڪيو آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ملي آهي تہ هو پنهنجي ايمان جي اندازي موجب خدا جو پيغام ٻڌائي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي.


مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا نعمتون ورهائي ٿو ڏئي.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.


ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ خدمتگار آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي ايمان آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آهي.


تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي خدا کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي خدا کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟


هي خط مون پولس رسول جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي رسول چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ عيسيٰ مسيح ۽ پيءُ يعني خدا جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريو.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو.


انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ