Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:17 - Muslim Sindhi Bible

17 خدا پنهنجو فرزند دنيا ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو دنيا کي گنهگار قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ايشور پنهنجو پٽ سنسار ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو سنسار کي پاپي قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي سنسار کي مڪتي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:17
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.


ابنِ آدم انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن.“


۽ پوءِ هو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا.


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


سو جڏهن پيءُ پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن دنيا ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان‘؟


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“


جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي دنيا ۾ موڪليو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي بابا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن دنيا يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح دنيا ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي.


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن شاگردن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


جيڪو پيغام تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن ايمان آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


تڏهن عيسيٰ وري چين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي. جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“


بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.


پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يحيٰ جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


نڪي وري هن جي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي هن موڪليو آهي تنهن کي اوهين قبول ئي نہ ٿا ڪريو.


اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پيءُ وٽ اوهان جي شڪايت ڪندس. اوهان جي شڪايت ڪرڻ وارو موسيٰ ئي آهي جنهن تي اوهان جو آسرو آهي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي ايمان آڻيو، جنهن کي خدا موڪليو آهي.“


آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“


جهڙيءَ طرح پيءُ جيڪو زندہ آهي تنهن مون کي موڪليو آهي ۽ آءٌ هن جي ڪري زندہ آهيان، تهڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منهنجي ڪري زندہ رهندو.


جڏهن تہ آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ وٽانئس آيو آهيان ۽ هن ئي مون کي موڪليو آهي.“


انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي گنهگار نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري گناهہ نہ ڪجانءِ.“


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خدا وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پيءُ پنهنجي فرزند کي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ