Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن ابنِ آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جيئن موسيٰ نانگ کي رڻ پٽ ۾ مٿي چاڙهيو، تيئن ابن آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن منش‌پتر بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جيئن موسيٰ رڻ⁠پٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابن⁠آدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


بدڪارن جي ٽولي اچي ڪتن جيان منهنجو گھيرو ڪيو آهي. هنن ڇتن ڪتن جيان منهنجي هٿن پيرن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو.


پر انهيءَ صورت ۾ پاڪ ڪلام جي لکت ڪيئن پوري ٿيندي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ هيئن ضرور ٿيندو؟“


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر ابنِ آدم کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


انهيءَ کي اسان جي سردار ڪاهنن ۽ ٻين يهودي اڳواڻن پڪڙايو تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. ائين هنن کيس صليب تي چاڙهائي ڇڏيو.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.


آءٌ اها زندہ ماني آهيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن مانيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ زندہ رهندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن دنيا کي زندگي ملي.“


سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏهن اوهين ابنِ آدم کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آهي.


خدا جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب عيسيٰ کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ