Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ان کان پوءِ عيسيٰ وري پنهنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اهو هن طرح ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع وري شاگردن کي تبرياس سمنڊ جي ڪناري تي پاڻ ڏيکاريو؛ ۽ ڏيکاري هن طرح ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ان کان پوءِ يسوع وري پنهنجي چيلن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي درشن ڏنو. اهو هن طرح ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھن کان پوءِ عيسيٰ وري پنھنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اھو ھن طرح ٿيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن ويندس.“


تڏهن يارهن ئي شاگرد گليل علائقي ڏانهن ويا ۽ انهيءَ جبل تي گڏ ٿيا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو هئن.


پوءِ جلدي وڃي هن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“


انهيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻي صورت ۾ شاگردن مان ٻن ڄڻن کي ڏيکاري ڏني، جيڪي رستو وٺيو ٻهراڙيءَ ڏانهن پئي ويا.


آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.


پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت عيسيٰ جي ٻين شاگردن کي چئو تہ ’عيسيٰ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“


اهو ٽيون دفعو هو جو عيسيٰ پنهنجي جيئري ٿي اٿڻ کان پوءِ شاگردن کي ڏيکاري ڏني هئي.


هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو،


ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي خداوند عيسيٰ جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي ماني کارائي ويئي هئي.


هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيئرو آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاهيءَ بابت ڳالهايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ