Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:29 - Muslim Sindhi Bible

29 عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا رکن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 يسوع چيس تہ تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي: پر مبارڪ آهن اُهي، جن بنا ڏٺي ايمان آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 يسوع چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري وشواس رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي وشواس ٿا رکن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:29
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا.


تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون خداوند جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“


تنهن کان پوءِ اهو ٻيو شاگرد، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پهتو هو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. هن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ يقين ڪيائين،


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“


مطلب تہ اسين جيڪا زندگي گذاري رهيا آهيون سا ايمان رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.


ايمان مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن.


ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو.


جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري خدا جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو خدا واعدو ڪيو هو.


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ