Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌اعتبار نہ ٿيءُ پر اعتبار ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌وشواس نہ ٿيءُ پر وشواس رک.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 پوءِ ھن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنھنجي آڱر ھيڏانھن ڪري منھنجا ھٿ ڏس ۽ پنھنجو ھٿ ھيڏانھن منھنجي پاسي ۾ وجھہ. بي⁠ايمان نہ ٿيءُ پر ايمان آڻ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:27
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيئن تہ خدا رحيم آهي، سو انهن جا گناهہ معاف ٿي ڪيائين. هن بار بار پنهنجي غصي کي روڪيو ٿي، ۽ پنهنجي غضب کي وڌڻ ڪين ٿي ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن انهن کي برباد ٿيڻ نہ ڏنو.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي‌يقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“


عيسيٰ چين تہ ”اي بي‌يقين قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“


منهنجي هٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اهو ساڳيو ئي آهيان. مون کي هٿ لائي جاچيو، ڇاڪاڻ تہ جهڙا هڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.“


ائين چئي هن کين پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريا.


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بي‌يقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پيءُ کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“


ائين چوڻ کان پوءِ هن شاگردن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا.


اهو جڏهن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“


مطلب تہ شريعت انهيءَ لاءِ آئي تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري گناهہ وڌي. پر جتي گناهہ گھڻو وڌيو اتي خدا جو فضل انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ