Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:26 - Muslim Sindhi Bible

26 هفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 هفتي کان پوءِ چيلا وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ اسان کي حاصل ٿئي ٿو، سو سڀ تنهنجي ڪمن جو ئي نتيجو آهي.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن منهنجي قوم کي اهي نقصان ڏيندڙ مون وٽ امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ چاهين، تہ پوءِ منهنجي طاقت جي پناهہ ۾ اچڻ لاءِ پهريائين مون سان صلح ڪن.“


آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن، تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“


ڇهن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو.


آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.


هنن اڃا اهي ڳالهيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“


انهن ڳالهين جي اٽڪل اٺن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي هڪڙي جبل تي دعا گھرڻ لاءِ ويو.


تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن شاگرد يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“


تڏهن عيسيٰ وري چين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي. جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“


ان کان پوءِ عيسيٰ وري پنهنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اهو هن طرح ٿيو.


اهو ٽيون دفعو هو جو عيسيٰ پنهنجي جيئري ٿي اٿڻ کان پوءِ شاگردن کي ڏيکاري ڏني هئي.


هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيئرو آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاهيءَ بابت ڳالهايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ