Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هي پاڪ روح.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ ائين چئي مٿن ڦوڪيائين، ۽ چيائين تہ اوهين پاڪ روح وٺو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هيءَ پوِتر آتما.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ھن ائين چئي مٿن ڦوڪيو ۽ چيائين تہ ”وٺو ھي پاڪ روح.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


انهيءَ لاءِ جو خدا جي روح مون کي جوڙيو آهي، هائو، قادرِمطلق جي دم مون کي حياتي بخشي آهي.


خداوند جي حڪم سان سمورا آسمان بڻجي ويا. هن جي امر سان آسمانن جي سڄي خلقت پيدا ٿي ويئي.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! هاڻي هوا کي مون خداوند خدا جو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’اي هوا! هر طرف کان گھلندي اچ ۽ هنن قتل ٿيل لاشن ۾ ساهہ وجھہ تہ اهي وري زندہ ٿي پون.‘“


آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو.


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جو روح جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


پر آءٌ اوهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان تہ منهنجو هتان هليو وڃڻ ئي اوهان لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ نہ ويندس تہ اهو مددگار اوهان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏهن آءٌ ويندس تہ پوءِ هن کي اوهان ڏانهن ضرور موڪليندس.


تڏهن عيسيٰ وري چين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي. جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“


جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن اوهين انهن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“


هن اها ڳالهہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انهن ماڻهن کي ملڻو هو جن مٿس ايمان آندو هو. پر انهن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو هو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


”هنن ماڻهن کي اسان وانگر ئي پاڪ روح مليو آهي. هاڻي انهن کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ کان ڪير روڪي سگھي ٿو؟“


هن کانئن پڇيو تہ ”جڏهن اوهان مسيح تي ايمان آندو هو تہ اوهان کي پاڪ روح مليو هو يا نہ؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”اسان تہ پاڪ روح جو نالو ئي نہ ٻڌو آهي.“


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي گناهن جي معافيءَ لاءِ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح عطا ڪيو ويندو.


اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.


تنهن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙ‌‌سؤ!


اهي جڏهن اتي پهتا تہ انهن سامرين لاءِ دعا گھريائون تہ کين پاڪ روح ملي،


آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوهان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ