Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:2 - Muslim Sindhi Bible

2 سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ خبر نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تنهن تي اُٿي ڊوڙي، ۽ شمعون پطرس ۽ اُنهي ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن تي يسوع جو پيار هو، ۽ چيائين، تہ خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي چيلي وٽ آئي، جنهن سان يسوع جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي پرڀوءَ کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ سڌ نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 سو ھوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انھيءَ ٻي شاگرد وٽ آئي، جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو ۽ کين چيائين تہ ”اھي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آھن ۽ خبر نہ آھي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شاگردن مان هڪڙو جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.


جڏهن عيسيٰ پنهنجي ماءُ ۽ انهيءَ شاگرد کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! هي تنهنجو پٽ آهي.“


انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن ۽ خبر ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“


جيتوڻيڪ اڃا تائين شاگرد پاڪ ڪلام جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيئرو ٿي اٿندو.


پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”خداوند! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“


هي اهو ئي شاگرد آهي جيڪو انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي ۽ اهي ڳالهيون لکيون بہ اٿس ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ سندس شاهدي سچي آهي.


پوءِ انهيءَ شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ خداوند آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو خداوند آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ