Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:13 - Muslim Sindhi Bible

13 انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن ۽ خبر ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تن کيس چيو تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ هن چين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانهي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي پرڀوءَ کي کڻي هليا ويا آهن ۽ سڌ ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 انھن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ ھُن وراڻيو تہ ”اھي منھنجي خداوند کي کڻي ھليا ويا آھن ۽ خبر ئي ڪانھي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

روئڻ جو وقت هجي توڙي کِلڻ جو، روڄ راڙي جو وقت هجي توڙي خوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ جو،


اي راخل! تون روئڻ بند ڪر، ۽ لڙڪ وهائڻ ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ تو کي پنهنجي ٻارن ڄڻڻ جو اجر ضرور ملندو، جو تنهنجو اولاد دشمنن جي ملڪن مان موٽي تو وٽ ايندو.


عيسيٰ انهن کان پڇيو تہ ”اوهين پاڻ ۾ ڪهڙين ڳالهين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا.


جڏهن عيسيٰ پنهنجي ماءُ ۽ انهيءَ شاگرد کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! هي تنهنجو پٽ آهي.“


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“


عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“


سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ خبر نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


اهو ڏسي سندس مڙس القانہ کيس تسلي ڏيئي چوندو هو تہ ”اي حنہ! تون ڇو ٿي روئين ۽ ماني ڇو نہ ٿي کائين؟ تنهنجي دل ڇو غمگين آهي؟ ڇا آءٌ تنهنجي واسطي ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ