يوحنا 2:24 - Muslim Sindhi Bible24 پر عيسيٰ انهن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن سڀني کي ڄاتو پئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 پر يسوع پنهنجي نسبت هنن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ تہ هن سڀني کي سُڃاتو ٿي، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible24 پر يسوع انهن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن سڀني کي ڄاتو پئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament24 پر عيسيٰ انھن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِجو ھن سڀني کي ڄاتو پئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.
وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.