Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:23 - Muslim Sindhi Bible

23 عيد فصح جي موقعي تي جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 هاڻي جڏهن هو عيد فسح جي وقت يروشلم ۾ هو، تڏهن معجزا جي ڏيکاريائين پئي، سي ڏسي گهڻن سندس نالي تي ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 فصح جي تهوار جي موقعي تي جڏهن يسوع يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس چمتڪارَ ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس وشواس آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 عيد فصح جي موقعي تي جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ ھو، تڏھن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽڪريلي زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي پيغام ٻڌن ٿا تڏهن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مهل ڦري ٿا وڃن.


جيڪي ماڻهو مريم وٽ آيا هئا، تن مان ڪيترن ئي جڏهن عيسيٰ جو هي ڪم ڏٺو تڏهن مٿس ايمان آندائون.


هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.


يهودين جي عيد فصح ويجھي هئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو.


هڪ رات هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ هجي.“


هاڻ جڏهن هو گليل ۾ پهتو تہ اتي جي ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو. پر اهو انهيءَ ڪري جو هنن اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو هو جيڪو عيسيٰ يروشلم ۾ عيد فصح جي موقعي تي ڪيو هو، جڏهن هو بہ عيد ملهائڻ ويا هئا.


پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يحيٰ جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


عيسيٰ جو اهو معجزو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي اهو نبي آهي، جيڪو هن دنيا ۾ اچڻو آهي.“


تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي معجزا ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي شفا ڏني هئي.


اتي موجود ماڻهن مان ڪيترا ئي مٿس ايمان آڻيندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي مسيح آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان وڌيڪ معجزا ٻيو ڪو ڪري سگھندو ڇا؟“


سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ