Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن يهودين جواب ڏيئي چيس، تہ تون جو هي ڪم ٿو ڪرين، تنهن لاءِ اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ لاءِ هيءَ نشاني هوندي تہ هيءَ قربان‌گاهہ ڦاٽي پوندي ۽ جيڪا رک انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.“


”جيڪڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ ’اوهين پنهنجي ثابتيءَ لاءِ ڪو معجزو ڏيکاريو،‘ تڏهن تون هارون کي چئج تہ هو پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اڇلائي، جيڪا نانگ ٿي پوندي.“


عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ اچي تعليم پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“


اتي ڪي فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“


جيئن پوءِ تيئن عيسيٰ جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان خدائي نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.


يحيٰ جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يحيٰ ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“


انهن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي الياس نبي آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو نبي آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“


تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟


انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي قدرت سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“


کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ