Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو قربانيءَ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هن هيڪل ۾ ڍڳن ۽ رڍن ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن ۽ صرافن کي ويٺل ڏٺو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو ٻليدان ڪرڻ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اتي ھن وڃي ڏٺو تہ ماڻھو ھيڪل ۾ ڍڳا، رڍون ۽ ڪبوتر وڪڻي رھيا آھن ۽ صراف بہ پنھنجا صندل رکيو ويٺا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي شهر هاڻي ويران پيا آهن، سي ماڻهن سان ايترا تہ ڀرجي ويندا جيترو يروشلم شهر عيدن تي خداوند لاءِ مخصوص ڪيل رڍن سان ڀرجي ويندو هو. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


جڏهن اهي يروشلم ۾ پهتا تہ عيسيٰ هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.


پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“


اهو ڏسي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي انهن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت هيڪل جي اڱڻ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پئسا مَٽائڻ وارن جا پئسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ