Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ وري محلات ۾ اندر ويو ۽ يسوع کي چيائين، تہ تون ڪٿان جو آهين؟ پر يسوع ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ يسوع کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 تڏھن ھو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آھين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو، ۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين. هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان، يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي، تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.


پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، خدا جو فرزند؟“


پوءِ اهي سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.


سو هو کانئس گھڻا ئي سوال پڇندو رهيو، پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.


ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.


تڏهن پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ عيسيٰ کي گھرايائين. هُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون بابت هي سوال ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي اوهان کي چيو آهي يا اوهين پاڻ ٿا ڪريو؟“


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن دنيا ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ ياد رک، مون کي اهو اختيار مليل آهي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙهيان.“


جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تہ هيڪاري اچي ڊپ ورتس.


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو.


آءٌ اهو بہ ٻڌان تہ اوهين پنهنجن مخالفن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ نہ ٿا ڊڄو. اوهان جي ايمان واري اهڙي هلت هنن جي لاءِ برباديءَ جي نشاني آهي، پر اوهان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي. اها نشاني خدا جي طرفان آهي،


تڏهن انهيءَ عورت اچي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو تہ ”هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو. هن جي شڪل خدا جي ملائڪ جهڙي بيحد خوفائتي هئي. نڪي مون کانئس پڇيو تہ هو ڪٿان ٿو اچي، نہ ئي وري هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ