Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي صليب تي چاڙهيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر سردار ڪاهنن ۽ حوالدارن اڃا ڏٺس ئي ڪين، تہ وٺي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس! صليب تي! پلاطس چين تہ اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس: جو مون کي تہ منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن يسوع کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي سوليءَ تي چاڙهيو، سوليءَ تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پطرس جيڪو انهن جي پٺيان پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ گھڙي پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو.


تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انهن سڀني واڪا ڪري چيو تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“


تنهن تي پلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن کي چيو تہ ”هي مون کي ڪنهن بہ طرح ڏوهاري ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا.


پلاطس کين چيو تہ ”اوهين پاڻ هن کي وٺي وڃي پنهنجي شريعت موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يهودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“


تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڀلا سچ ڇا آهي؟“ پوءِ پلاطس ٻاهر نڪري يهودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“


پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


خدا جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب عيسيٰ کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


اهو ڪهڙو نبي هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ