Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ عيسيٰ انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پوءِ يسوع اُنهي ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاهر نڪتو ۽ پلاطس چين تہ اِجهو، هيءُ ماڻهو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 پوءِ يسوع انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 پوءِ عيسيٰ انھيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاھر آيو ۽ پلاطس کين چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اھو ماڻھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يروشلم وارؤ! مٿاهين جبل تي چڙهي وڃي خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. هائو، اي صيئون وارؤ! وڏي آواز سان پڪاري خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. بلند آواز سان پڪاريو، ڊڄو نہ. يهوداہ جي شهرن کي ٻڌايو تہ ”اِجھو، اوهان جو خدا اچي رهيو آهي.“


پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي. هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي، مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي، اوهين منهنجا ئي آهيو.


تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


هائو، اها هر واٽهڙوءَ کي پڪاري چوي ٿي تہ ”اي واٽهڙؤ! ڏسو، ڇا اوهان جي نظر ۾ هي ڪجھہ بہ ناهي؟ غور سان ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪنهن ٻئي جو ڏک آهي ڇا؟ هائو، اهو ئي ڏک، جيڪو خداوند پنهنجي سخت قهر واري وقت مون کي رسايو.


تنهن کان پوءِ انهن هڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاهي هن جي مٿي تي رکيو ۽ هڪ ڪانو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي هن جي اڳيان گوڏا کوڙي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. اهي چون پيا تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


سپاهين ڪنڊن جو تاج ٺاهي عيسيٰ جي مٿي تي رکيو ۽ کيس واڱڻائي رنگ جو جبو پهرايائون.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ