Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:42 - Muslim Sindhi Bible

42 جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري عيسيٰ جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 تنهن ڪري اُتي يهودين جي تياريءَ جي ڏينهن جي سبب يسوع کي کڻي رکيائون، (ڇالاءِ جو اُها قبر ويجهي هئي).

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري يسوع جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 جيئن تہ انھيءَ ڏينھن يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو تنھنڪري عيسيٰ کي کڻي اتي ئي دفن ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو اھا قبر ويجھي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:42
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي نڙي سُڪي ٺڪر ٿي ويئي آهي، ۽ ڄڀ وڃي تارونءَ سان لڳي آهي. آہ! اي خداوند! تو مون کي موت واري ڌوڙ ۾ آڻي ملايو آهي.


جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ نہ وري سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي هئي، تنهن هوندي بہ کيس بدڪارن سان گڏ دفنايو ويو، ۽ دولتمندن سان گڏ قبر ۾ رکيو ويو.“


جيئن يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابنِ آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


اهو عيد فصح جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو بادشاهہ.“


گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي.


اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش صليبن تان لاٿا وڃن.“


جتي عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو ويو هو، اتي هڪڙو باغ هو. انهيءَ باغ ۾ غار واري هڪڙي نئين قبر کوٽيل هئي جنهن ۾ اڃا تائين ڪنهن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو هو.


پوءِ جڏهن انهن جي هٿان پاڪ ڪلام ۾ هن بابت لکيل اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿيون، تڏهن انهن سندس لاش کي صليب تان لاهي قبر ۾ رکي ڇڏيو.


پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيئرو ڪيو ويو جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايل آهي.


اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ خدا، جنهن کيس مئلن مان جياريو، تنهن جي انهيءَ قدرت تي ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جياري اٿاريا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ