Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:39 - Muslim Sindhi Bible

39 نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ نيڪديمس، جو پهريائين رات جو يسوع وٽ آيو هو، سو پڻ سوا مڻ کن مَر ۽ عود جو ملائي کڻي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ يسوع سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 نيڪديمس بہ ساڻس اچي گڏيو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي ھئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنھن جي تور اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:39
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوسف ملازم حڪيمن کي حڪم ڏنو تہ ”منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو.“ سو حڪيمن يعقوب کي سرهاڻيون لاتيون.


هن کي انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي انهيءَ بستري تي کڻي سمهاريائون جيڪو خوشبوين ۽ قسم قسم جي مصالحن سان ڀريل هو ۽ هن جي اعزاز ۾ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو.


تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.


مون پنهنجي بستري کي مُر، عود ۽ دالچينيءَ جي خوشبوءِ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي.


اي منهنجا محبوب! تون منهنجي لاءِ مُر جي عطر جهڙو آهين، جيڪو منهنجي ڇاتين جي وچ ۾ لڳل هوندو آهي.


زعفران، بيدمشڪ، دالچيني، مُر، عود ۽ هر قسم جي لوبان جا وڻ، مطلب تہ سمورن عمدن ۽ خوشبودار مصالحن جي ڪا ڪمي ڪانهي.


آءٌ تنهنجي مُر جي انهن جبلن تي، هائو، آءٌ تنهنجي لوبان جي ٽڪرن تي وڃي رات گذاريندس، جيستائين صبح جي ٿڌڙي هير گھلي، ۽ اونداهي گم ٿي وڃي.


هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو. ائين ئي هو ثابت قدم رهندو، ايستائين جو انصاف جي فتح نہ ڪرائي.


پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن عيسيٰ جي لاش کي هڻن.


تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.


يهوداہ جي انهيءَ ڳالهہ تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇو تہ هن اهو عطر منهنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ