Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:4 - Muslim Sindhi Bible

4 عيسيٰ پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هاڻي يسوع کي سڀ خبر هئي تہ مون سان ڇا ٿيڻو آهي، تنهنڪري نڪري آيو، ۽ چيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 يسوع پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:4
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جيئري خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم آهي تہ اهڙي ڪابہ قوم يا بادشاهت ڪانهي جيڏانهن منهنجي مالڪ اوهان کي ڳولڻ لاءِ ماڻهو نہ موڪليا هجن. جڏهن انهيءَ قوم يا بادشاهت چيو تہ ’الياس هتي اسان وٽ ڪونهي‘ تڏهن هن انهن کان قسم کڻائي ٿي پڇيو تہ واقعي ئي اوهين انهن وٽ ڪين هئا.


پر مون کيس چيو تہ ”ڇا مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڀڄڻ گھرجي يا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيڪل اندر لڪڻ گھرجي؟ آءٌ نہ ڀڄندس، نڪي لڪندس.“


توڙي جو ڪو لشڪر اچي منهنجي چوڌاري گھيرو ڪندو، تڏهن بہ منهنجيءَ دل کي ڪو خوف نہ ٿيندو. توڙي جو منهنجي مٿان ڪا جنگ اچي ڪڙڪندي، تڏهن بہ منهنجي توڪل خدا تي ئي رهندي.


آءٌ تہ انهن لکين دشمنن کان بہ نہ ڊڄندس، جيڪي چئني طرفن کان منهنجو گھيرو ڪيو ويٺا آهن.


بدڪار ماڻهو ڊڄي ڀڄي ويندا آهن، توڙي جو کين ڪوبہ خطرو نہ هجي. مگر سچار ماڻهو شينهن وانگر دلير ٿا ٿين.


انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“


”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ عيد فصح ايندي. ڏسو، تڏهن ابنِ آدم کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“


ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اڄ رات اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘


پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ توريت، زبور توڙي ٻين نبين جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


هاڻ جيئن تہ عيسيٰ کي اها خبر پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجا هئس تن کي هو آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان هڪ ڏينهن اڳ ۾


ان جو سبب اهو هو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر هئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنهنڪري هن چيو تہ ”اوهين سڀيئي پاڪ نہ آهيو.“


انهن وراڻيس تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنهن تي هن چين تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان.“ يهوداہ دغاباز بہ انهن سان گڏ بيٺو هو.


تڏهن عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ انهن چيو تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“


پوءِ جڏهن عيسيٰ ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پاڪ ڪلام جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“


تڏهن بہ اوهان مان ڪيترائي ايمان نہ ٿا آڻين.“ عيسيٰ اهو انهيءَ ڪري چيو جو هن شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪهڙا ڪهڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو.


تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون آهن، ۽ تون مون کي پنهنجو ديدار ڪرائي خوشيءَ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيندين.‘


هاڻ جيئن تہ مسيح هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي آهي، سو گناهہ تي غالب پيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ