Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهن تي انهيءَ ٽوليءَ ۽ سندس عملدار، ۽ يهودين جي حوالدارن يسوع کي جهلي ٻَڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن يسوع کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 سپاھين جي پلٽڻ، سندن عملدار ۽ يھودين جي پھريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس، تڏهن ابراهيم اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکيائين. ان بعد پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي قربان‌گاهہ تي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.


پوءِ هن کين پهريدار سپاهين جي سالار جي گھر ۾، انهيءَ ساڳئي قيدخاني ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو جتي يوسف بند هو.


بيشڪ خداوند ئي اسان جو خدا آهي، جنهن اسان سان ڀال ڀلايو آهي. سو اي بادشاهہ! اوهين قربان‌گاهہ جي چوڌاري ڦرندي ٽاريون کڻي جشن ملهايو.“


جن عيسيٰ کي پڪڙيو هو سي کيس يروشلم ۾ ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا هئا.


پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.


پوءِ اهي سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.


پوءِ اهي عيسيٰ کي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا سڀيئي چڱا مڙس گڏ ٿيندا ٿي ويا.


صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.


انهن عيسيٰ کي پڪڙي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو.


سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا.


قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو.


هو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا تہ ايتري ۾ رومي پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ هنگامو ٿي پيو آهي.


جڏهن هو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا هئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنهن تي هن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي بہ اچي ٿي ڇا؟


جڏهن جھيڙو وڌي ويو تڏهن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻهو پولس کي ماري ڳڀا ڳڀا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“


پوءِ فلستين اچي پڪڙيس ۽ سندس اکيون ڪڍي ورتائون. هو هن کي غزہ شهر ۾ وٺي آيا، کيس پتل جون ٻيڙيون هنيائون ۽ قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيائونس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ