يوحنا 18:1 - Muslim Sindhi Bible1 جڏهن عيسيٰ اها دعا گھري چڪو، تڏهن هو پنهنجي شاگردن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 جڏهن يسوع اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن سان گڏ قدرون جي نهر جي پار لنگهي ويو، جتي هڪڙو باغ هو، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس شاگرد ويا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible1 جڏهن يسوع اها پرارٿنا ڪري چڪو، تڏهن هو پنهنجي چيلن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament1 جڏھن عيسيٰ اھا دعا گھري چڪو، تڏھن پنھنجي شاگردن سان گڏ قدرون جي برساتي نھر مان لنگھي ھُن ڀر ويو. اتي ھڪڙو باغ ھو جنھن ۾ ھو پنھنجي شاگردن سميت داخل ٿيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيتايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.