Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:23 - Muslim Sindhi Bible

23 انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ اُنهي ڏينهن اوهين مون کان ڪي ڪين پڇندا. آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين پيءُ کان جيڪي گهُرندا، سو هو اوهان کي منهنجي نالي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پتا کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ پيءُ اوھان کي اھو سڀ ڪجھہ ڏيندو، جيڪو اوھين کانئس منھنجي نالي تي گھرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:23
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.


پوري يقين سان اوهين جيڪي بہ دعا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“


”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،


جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.


تڏهن يهوداہ جيڪو يهوداہ اسڪريوتي نہ، پر ٻيو يهوداہ هو، تنهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوهين پنهنجو پاڻ کي اسان تي تہ ظاهر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“


تنهن تي توما کيس چيو تہ ”اي خداوند! اسان کي خبر ئي نہ آهي تہ اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. پوءِ اسان کي انهيءَ رستي جي خبر ڪيئن پوندي؟“


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟


انهيءَ ڏينهن اوهين منهنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوهان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوهان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس تہ هو اوهان جي ٻڌي،


هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين ايمان آڻيون ٿا تہ اوهين خدا وٽان آيا آهيو.“


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳي ئي پاڪ روح ملڻ سان پيءُ تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


اي منهنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ هي اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، تہ جيئن اوهين گناهہ نہ ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو شخص گناهہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جي سفارش ڪندڙ هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو خود سچار آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ