يوحنا 15:18 - Muslim Sindhi Bible18 ”جيڪڏهن دنيا اوهان کان نفرت ڪري ٿي تہ اوهان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انهيءَ پهريائين مون کان بہ نفرت ڪئي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 جيڪڏهن دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري، تہ اوهان کي خبر آهي تہ اوهان کان اڳي مون سان بہ نفرت ڪئي اٿس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible18 ”جيڪڏهن سنسار اوهان کان نفرت ڪري ٿو تہ اوهان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انهيءَ پهريائين مون کان بہ نفرت ڪئي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament18 ”جيڪڏھن دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي تہ اوھان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انھيءَ پھريائين مون کان بہ نفرت ڪئي ھئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.