Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:26 - Muslim Sindhi Bible

26 پر پوءِ هڪ مددگار يعني پاڪ روح، جيڪو پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندو، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 پر پوءِ هڪ مددگار يعني پوِتر آتما، جيڪا پتا منهنجي نالي سان موڪليندو، سا اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندي، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندي، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:26
75 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کي پنهنجي حضور مان لوڌي نہ ڪڍ، ۽ مون کان پنهنجو پاڪ روح پري نہ ڪر.


تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


عيسيٰ مسيح جي پيدائش هن ريت ٿي جو جڏهن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آهي.


پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آهي.


تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي هدايت تي چيو هو تہ ’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘


جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پاڪ روح جون هونديون.


خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو.


ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.


جيئن ئي اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي


يحيٰ جو پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ اڳڪٿي ڪندي چوڻ لڳو تہ


جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“


تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


ڏسو، آءٌ اوهان تي پاڪ روح نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پيءُ واعدو ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آسمان مان انهيءَ جي طاقت عطا نہ ٿئي تيستائين شهر ۾ رهجو.“


۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. تڏهن آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو فرزند آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“


آءٌ تہ کيس سڃاڻي بہ ڪونہ سگھان ها، پر خدا جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو تہ ’تون جنهن ماڻهوءَ تي پاڪ روح کي لهندو ۽ ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻهن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘


سندس شاگردن کي پهريائين تہ اهي ڳالهيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏهن عيسيٰ جو جلوو ظاهر ٿيو، تڏهن انهن کي ياد آيو تہ پاڪ ڪلام ۾ هن بابت انهن ڳالهين جي اڳڪٿي ڪئي ويئي هئي ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس سلوڪ ڪيو.


آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو.


اهي ڳالهيون مون اوهان سان رهي اوهان کي ٻڌايون آهن.


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جو روح جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


پر آءٌ اوهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان تہ منهنجو هتان هليو وڃڻ ئي اوهان لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ نہ ويندس تہ اهو مددگار اوهان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏهن آءٌ ويندس تہ پوءِ هن کي اوهان ڏانهن ضرور موڪليندس.


تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پاڪ ڪلام جي لکت ۽ عيسيٰ جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو.


پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هي پاڪ روح.


نبين جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي خدا کان تعليم حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.


هن اها ڳالهہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انهن ماڻهن کي ملڻو هو جن مٿس ايمان آندو هو. پر انهن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو هو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


هڪڙي دفعي جڏهن اهي سڀيئي شاگرد اچي گڏ ٿيا تہ هن کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منهنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنهن بابت مون اوهان کي ٻڌايو هو.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


تڏهن مون کي خداوند عيسيٰ جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘


هڪ ڏينهن جڏهن هنن روزو رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي تہ پاڪ روح کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“


سو پاڪ روح جي حڪم موجب برنباس ۽ سائول روانا ٿيا. هو سلوڪيا جي بندرگاهہ تي وڃي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن ويا.


پاڪ روح ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون


خدا جيڪو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن اسان وانگر غير قومن تي بہ پاڪ روح نازل ڪرڻ سان سندن ايمان آڻي قبول پوڻ جي شاهدي ڏني آهي.


جيئن تہ پاڪ روح هنن کي آسيا صوبي ۾ پيغام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا.


هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي.


سڀني ڳالهين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوهان کي سمجھايو آهي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جي تعليم ياد رکڻ گھرجي، جنهن پاڻ فرمايو آهي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ برڪت ڀريو آهي.‘“


سو اهي پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، تڏهن پولس کين هڪڙي ڳالهہ چئي تہ ”پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي بلڪل صحيح فرمايو هو، جڏهن يسعياہ کي حڪم ڏنو هئائين تہ


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو.


پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانهن نهاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين.


ياد رک، خدا جي بادشاهي کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اها سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پاڪ روح جي هئڻ ڪري آهي.


هاڻ جڏهن تہ اوهين ايمان تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ خدا اوهان کي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڪ روح اسان کي عطا ڪيو ويو آهي، تنهن جي وسيلي خدا جي اسان سان محبت اسان جي دلين ۾ ڀري ويئي آهي.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ ئي خداوند آهي.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر آهي؟ اهو پاڪ روح جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو سو خدا اوهان کي بخشيو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،


انهن کان علاوہ پاڪيزگيءَ سان، ڄاڻ سان، بردباريءَ سان، مهربانيءَ سان، پاڪ روح سان، حقيقي محبت سان،


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


تنهنڪري جيڪو هيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجو پاڪ روح عطا ڪري ٿو.


خوشخبريءَ واري چڱي امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي تنهن جي حفاظت انهيءَ پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رهي ٿو.


تڏهن هن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اهو سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس رحم جي ڪري مليو. هائو، هن اسان کي انهيءَ پاڪ روح جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو، جنهن اسان کي روحاني طور ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئين زندگي عطا ڪئي.


پاڪ روح بہ انهيءَ باري ۾ اسان کي شاهدي ڏيئي خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ٿو تہ


خدا بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي معجزن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ ڇوٽڪاري جي شاهدي ڏيندو رهيو.


سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو،


انهيءَ مان پاڪ روح هي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پهريون ڪمرو ان جي قاعدن سميت بيٺو آهي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو ماڻهن لاءِ کُليل نہ آهي.


انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


هائو، نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پاڪ روح جي رهنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن،


پر اي عزيزؤ! جيئن اوهين دائمي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پاڪ ايمان ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو.


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو ٻيو موت هرگز نہ ڏسندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ