Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پتا پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 جنھن کي منھنجي حڪمن جي خبر آھي ۽ ھو انھن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنھن سان منھنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انھيءَ سان پيار ڪندس ۽ مٿس پاڻ ظاھر ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:21
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو خداوند سان ئي چهٽيل رهيو ۽ ڪڏهن بہ هن جي نافرماني نہ ڪيائين. هو انهن حڪمن جي تعميل ڪندو آيو جيڪي خداوند موسيٰ کي ڏنا هئا.


جيڪي منهنجي سچي معاملي جي تائيد ٿا ڪن، شل سي خوش ۽ سرها ٿين! ۽ سدائين هيئن پيا چوندا وتن تہ ”خداوند جي واکاڻ هجي، جيڪو پنهنجي ٻانهي جي ڀلائيءَ سببان خوش ٿو ٿئي.“


تنهن تي موسيٰ چيس تہ ”ڀلا مون کي پنهنجو جلوو ڏيکار.“


جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪڙو نئون عهد ٻڌندس.


خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي، هو سوڀ ڏيڻ جي وڏي سگھہ رکي ٿو. هو تو مان گھڻو شادمان ۽ خوش ٿيندو، هو پنهنجي محبت وچان تو کي وري بحال ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.“


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“


”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.


اهڙيءَ طرح اهو منهنجو جلوو ظاهر ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.


ڇاڪاڻ تہ پيءُ تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آهيان.


يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح دنيا ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي.


جنهن ۾ مون خداوند عيسيٰ کي ڏٺو. هو مون کي چئي رهيو هو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان هڪدم نڪري وڃ، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون بابت تنهنجي شاهدي قبول نہ ڪندا.‘


هن بابت مون ٽي دفعا خداوند عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ اهو مون کان پري ڪيو وڃي.


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


تنهنڪري جيڪڏهن اهي حڪم جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي ڌيان ڏيئي ٻڌندا، خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس عبادت ڪندا،


هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو.


هاڻ اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي ۽ پنهنجي فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


شل خداوند عيسيٰ تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس فضل ٿيندو رهي.


پر جيڪو خدا جي پيغام تي عمل ڪري ٿو تہ بيشڪ انهيءَ شخص ۾ خدا جي محبت مڪمل ٿي چڪي آهي. انهيءَ مان اسان کي يقين ٿئي ٿو تہ اسين خدا ۾ آهيون.


ڏسو، خدا پيءُ جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر دنيا وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن خدا کي بہ نہ ڄاتو.


خدا سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.


پيار جو مطلب هي آهي تہ اسين اهي عمل ڪريون جن جو خدا اسان کي حڪم ڏنو آهي. هي اهو ئي حڪم آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اوهين پيار سان زندگي گذاريو.


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي زندگي ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي ماني کائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ