Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اهو مددگار سچ جو روح آهي جنهن کي دنيا حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ کيس ڏسي ٿي، نہ وري ڄاڻي ٿي. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 اهو مددگار سچ جي آتما آهي جنهن کي سنسار حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو نہ کيس ڏسي ٿو، نہ وري ڄاڻي ٿو. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:17
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هر ڪو پنهنجا ڏک سک پاڻ ئي ٿو ڄاڻي، ٻئي کي ڪنهن جي دل جي ڪهڙي خبر.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ هونديون، پر اوهان جي پيءُ جو روح اوهان جي وسيلي اهي ڳالهيون ڪندو.


آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو.


تنهن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پيءُ هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پيءُ هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون.


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جو روح جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جو روح ايندو، تڏهن اهو پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندو. اهو پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندو، پر خدا کان جيڪو ٻڌندو سو ئي چوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.


هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“


پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ روح سان بہ واکاڻ ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ.


پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين سڀ گڏجي خدا جي هيڪل آهيو ۽ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو؟


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر آهي؟ اهو پاڪ روح جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو سو خدا اوهان کي بخشيو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،


اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ عيسيٰ مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو.


خدا جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ خدا جيڪو جيئرو آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پاڪ ڪلام ۾ خدا پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“


جيئن تہ اوهين خدا جا ٻار آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اوهان جي دلين ۾ بہ موڪليو آهي. اهو پاڪ روح ”بابا، اي بابا!“ چئي پڪاري ٿو.


مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ خدا پنهنجي پاڪ روح جي ذريعي رهي سگھي.


۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو.


انهن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ راز جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ عظمت ڀري آهي. اهو راز هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


خوشخبريءَ واري چڱي امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي تنهن جي حفاظت انهيءَ پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رهي ٿو.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


بيشڪ جيڪو خدا جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس عطا ڪيل پاڪ روح جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو.


پيارا ٻارؤ! اوهين خدا جا آهيو ۽ انهن تي فتحياب ٿيا آهيو جيڪي نبي سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو دنيا ۾ آهي.


پر اسين خدا جا آهيون. جيڪو خدا کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ وارو روح آهي ۽ ڪنهن ۾ گمراهيءَ وارو روح.


بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن،


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ