Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پيءُ جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پيءُ، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تون ايمان نٿو آڻين تہ آئون پيءُ ۾ آهيان، ۽ پيءُ مون ۾؟ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان کي چوان ٿو، سي پاڻو ڪين ٿو چوان: پر پيءُ جو مون ۾ رهي ٿو، سو پنهنجا ڪم ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پتا ۾ آهيان ۽ پتا مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پتا، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:10
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ آءٌ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“


جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پيءُ جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آهيان.“


۽ جيڪو بہ جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي ايمان آهي؟“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي مون ڳالهايو آهي سو پنهنجي طرفان نہ، پر پيءُ جي طرفان ڳالهايو اٿم، جنهن مون کي موڪليو آهي. انهيءَ ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ مون کي ڇا ڇا چوڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي.


مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾ آهي. جيڪڏهن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ هي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.


جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منهنجي ڳالهين تي عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ اهي ڳالهيون جيڪي اوهان ٻڌيون آهن، سي منهنجيون نہ پر پيءُ جون آهن، جنهن مون کي موڪليو آهي.


جيڪو پيغام تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن ايمان آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


هڪ رات هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ هجي.“


عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منهنجو پيءُ هميشہ ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ آءٌ بہ ائين ئي پيو ڪريان.“


تنهنڪري عيسيٰ يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ فرزند پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪا تعليم آءٌ ڏيئي رهيو آهيان سا منهنجي نہ، بلڪ انهيءَ جي آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي.


سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏهن اوهين ابنِ آدم کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آهي.


آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پيءُ کان ٻڌا آهن.“


پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا خدا کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابراهيم تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو.


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري آهي جو خدا کي اهو وڻيو تہ سندس سڄي ڀرپوري انهيءَ ۾ ئي رهي.


سو انهن کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ذات جي سڄي ڀرپوري، مجسم طور مسيح ۾ ئي ٿي رهي


بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ