Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:36 - Muslim Sindhi Bible

36 شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي تون مون سان هاڻي نہ ٿو هلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 شمعون پطرس يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي تون مون سان هاڻي نہ ٿو هلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان اتي تون مون سان ھاڻي نہ ٿو ھلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:36
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو.


منهنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها.


تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي جو هو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ هو هيئن بہ چوي ٿو تہ ’اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ پيءُ ڏانهن وڃي رهيو آهيان.‘


پر جيئن تہ هاڻي آءٌ انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان جنهن مون کي موڪليو آهي، تڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو. پر اوهان مان ڪوبہ مون کان اهو نہ ٿو پڇي تہ ’اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح مون تي ظاهر ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ