Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:23 - Muslim Sindhi Bible

23 شاگردن مان هڪڙو جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ سندس شاگردن مان هڪڙو، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن يسوع جي ڇاتيءَ تي ليٽي ويٺي کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 چيلن مان هڪڙو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو يسوع جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 شاگردن مان ھڪڙو جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانھن جھُڪي کائي رھيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر غريب ماڻهوءَ وٽ ڪجھہ بہ ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍي رڍ جي، جيڪا هن خريد ڪري پالي هئي. اها رڍ ساڻس ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي. اها ساڻس گڏ هڪڙي ئي ٿانوَ مان کائيندي ۽ پيئندي هئي ۽ سمهندي بہ سندس هنج ۾ هئي. اها هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي.


ناتن جو پٽ عزرياہ جيڪو ضلعي عملدارن جو نگران هو، ناتن جو پٽ زبود جيڪو ڪاهن ۽ بادشاهہ جو مشير هو،


پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بهشت ۾ ابراهيم جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


ٻنهي ڀينرن عيسيٰ کي چوائي موڪليو تہ ”خداوند! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“


تنهن تي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيڏو نہ پيار هو.“


عيسيٰ جو لعزر ۽ سندس ڀينرن سان پيار هو.


تنهنڪري شمعون پطرس هن کي اشاري سان چيو تہ ”پڇا ڪر تہ اهو ڪير آهي، جنهن بابت هو ڳالهائي رهيو آهي.“


پوءِ هن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو هوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اهو ڪير آهي؟“


جڏهن عيسيٰ پنهنجي ماءُ ۽ انهيءَ شاگرد کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! هي تنهنجو پٽ آهي.“


سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ خبر نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”خداوند! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“


هي اهو ئي شاگرد آهي جيڪو انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي ۽ اهي ڳالهيون لکيون بہ اٿس ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ سندس شاهدي سچي آهي.


پوءِ انهيءَ شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ خداوند آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو خداوند آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ