Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اوهين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اهو ئي آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 اوهين مون کي اُستاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو: سو برابر ٿا چئو، ڇالاءِ جو آئون آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اوهين مون کي گرو ۽ پرڀو ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اهو ئي آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اوھين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اھو ئي آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”تو صحيح ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي فرمان کي پوري ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿو رهان.“


ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“


”اوهين ڇو مون کي ’خداوند، خداوند‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟


شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنهن کي گھڻو بخش ڪيائين، اهو.“ تڏهن عيسيٰ چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“


هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


ٻنهي ڀينرن عيسيٰ کي چوائي موڪليو تہ ”خداوند! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“


تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ ئي خداوند آهي.


تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي خدا آهي يعني آسماني پيءُ، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ زندہ آهيون. اسان جو خداوند بہ هڪڙو ئي آهي يعني عيسيٰ مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي زندہ آهيون.


اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آسمان تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي.


۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”عيسيٰ مسيح ئي خداوند آهي،“ تہ جيئن خدا پيءُ جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


تون چوين ٿو تہ ’آءٌ ايمان ٿو رکان تہ خدا هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اهي ڏڪن بہ ٿا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ