يوحنا 12:43 - Muslim Sindhi Bible43 اهي خدا جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان عزت حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible43 ڇالاءِ جو هنن خدا جي وڏائيءَ کان ماڻهن جي وڏائيءَ کي زيادہ پسند ٿي ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible43 اهي ايشور جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان مان حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament43 انھن کي خدا کان عزت حاصل ڪرڻ بدران ماڻھن کان عزت حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ھو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا.