Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:39 - Muslim Sindhi Bible

39 اهو ئي سبب هو جو انهن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ تہ يسعياہ نبيءَ جي معرفت هي بہ فرمايو ويو هو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 اهو ئي سبب آهي جو هو اعتبار ڪري نہ سگهيا، ڇالاءِ جو يسعياہ نبيءَ وري بہ چيو آهي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 اهو ئي سبب هو جو انهن وشواس نہ آندو، ڇاڪاڻ تہ يسعياہ جي معرفت هي بہ فرمايو ويو هو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 اھو ئي سبب ھو جو انھن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ⁠تہ يسعياہ نبيءَ ھي فرمان بہ ٻڌايو ھو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:39
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پيءُ جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آهيان.“


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنهن ايمان آندو؟ ۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“


”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


اوهين جيڪي هڪٻئي کان عزت ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪا عزت هڪڙي خدا جي طرفان ملي ٿي تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟


ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت عورتن کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ گناهن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور ايمان وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ