يوحنا 12:34 - Muslim Sindhi Bible34 تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيئرو رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنِ آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابنِ آدم ڪير آهي؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible34 تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible34 تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيوت رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ منشپتر ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو منشپتر ڪير آهي؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament34 تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنآدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابنآدم ڪير آھي؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“