Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:32 - Muslim Sindhi Bible

32 جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 جڏھن آءٌ مٿي چاڙھيو ويندس تہ سڀني کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:32
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتفاق سان ابي‌سلوم دائود جي ڪجھہ جوانن جي منهن پئجي ويو. هو هڪڙي خچر تي چڙهيل هو. اهو خچر جڏهن هڪڙي گھاٽي شاهہ‌بلوط وڻ جي ٽارين هيٺان لنگھيو تہ ابي‌سلوم جو مٿو انهيءَ وڻ ۾ ڦاسي پيو ۽ هو زمين کان مٿي لٽڪي پيو، جڏهن تہ سندس خچر هيٺان نڪري اڳتي هليو ويو.


مون کي پاڻ سان کڻ تہ اسين ڀڄي هلون. تون منهنجو حاڪم ٿيءُ، ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هل. اسين ٻئي گڏجي خوشيون ۽ شادمانا ڪنداسين. تنهنجو پيار ايترو تہ نشو ڏيندڙ آهي، جو مئي کان بہ وڌيڪ سرور ڏئي ٿو. ڪو عجب ناهي جو سڀيئي عورتون تو تي عاشق آهن.


انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو.


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


انساني رشتن ۽ محبت جي ڏورين سان مون انهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. مون هنن سان اهڙو پيار ڪيو، جيئن ڪو ننڍي ٻار کي ڳل سان لائيندو هجي. آءٌ انهن ڏانهن جھڪي سندن کاڌي پيتي جو خيال رکندو رهيس.


سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ ٺاهيو ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي تڏهن ان پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو تہ مرڻ کان بچي ٿي ويو.


اهو شاهد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاهدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻهو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين.


تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيئرو رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنِ آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابنِ آدم ڪير آهي؟“


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.


هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن.


جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن ابنِ آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،


ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.


سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏهن اوهين ابنِ آدم کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آهي.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


هن سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جي اها قرباني هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي.


پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ