Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان لڳي پئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄو سنسار سندس پٺيان لڳي پيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 تنھن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ڪو ليکي بہ نہ ٿو. پر ھن کي تہ ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان پيئي ھلي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڄو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهس ڦرندو. هائو، سڀيئي قومون انهيءَ جي آڏو سجدو ڪنديون.


اي سموريون قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين مون ڏانهن ڪن ڏيو.


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


جڏهن سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا.


انهيءَ سبب ڪيترائي ماڻهو عيسيٰ سان ملڻ لاءِ آيا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ اهو معجزو هن ئي ڪيو آهي.


جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا.


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي بابا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن دنيا يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


سو اهي يحيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي استاد! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“


جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين ايمان وارن کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ