Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:54 - Muslim Sindhi Bible

54 تنهنڪري عيسيٰ انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 تنهنڪري يسوع انهيءَ کانپوءِ يهودين منجهہ کُليو کُلايو ڪين گهُمندو هو، پر اُتان رڻ پٽ جي ڀر واري ملڪ ۾، افرائيم نالي شهر ڏانهن هليو ويو؛ ۽ اتي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

54 تنهنڪري يسوع انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي چيلن سان گڏ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

54 تنھنڪري عيسيٰ انھيءَ ڏينھن کان پوءِ يھودين ۾ کليو کلايو نہ گھمندو ھو. پر ھو اتان رڻ⁠پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانھن ھليو ويو ۽ افرائيم نالي ھڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي شاگردن سان گڏ رھڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:54
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ جڏهن افرائيم جي علائقي جي ڀرسان بعل‌حصور واري هنڌ تي ابي‌سلوم وٽ رڍن جي اُن جي ڪاتر ٿي رهي هئي، تڏهن ابي‌سلوم بادشاهہ جي ٻين سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گھرايو.


انهيءَ جنگ ۾ ابياہ يربعام جا هي شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت قبضي ڪيا: بيت‌ايل، يسانہ ۽ افرون.


عيسيٰ موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يحيٰ بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ عبادت‌خانن ۽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


ان کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.


ان کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي.


پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.


ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دنيا تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ