Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:42 - Muslim Sindhi Bible

42 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 ۽ مون کي خبر هئي تہ تون هميشہ منهنجي ٻُڌندو آهين، پر خلق جا چوڌاري بيٺي آهي، تنهن جي سبب ائين چيم تہ هنن کي ايمان اچي تہ تو مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ پرارٿنا ٿو ڪريان تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 مون کي تہ خبر آھي تہ تون ھميشہ منھنجي ٻڌندو آھين. پر ھي ماڻھو جيڪي ھتي بيٺا آھن، تن کي اھو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اھي ايمان آڻين تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:42
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


پر آءٌ ڄاڻان ٿي تہ جيڪڏهن هاڻي بہ اوهين خدا کان جيڪو ڪجھہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.“


جيڪي ماڻهو مريم سان گھر ۾ ويٺا هئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ هوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ ٿي وڃي، سو اهي بہ هن جي پٺيان اٿي هليا.


ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“


ڇاڪاڻ تہ لعزر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن کي ڇڏي ويا هئا ۽ وڃي عيسيٰ تي ايمان آندو هئائون.


لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جيئرو ڪرڻ مهل جيڪي ماڻهو عيسيٰ سان گڏ هئا، سي انهيءَ معجزي جي شاهدي ڏيندا ٿي آيا.


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي بابا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن دنيا يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن شاگردن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


جيڪو پيغام تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن ايمان آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.


خدا پنهنجو فرزند دنيا ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو دنيا کي گنهگار قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي.


جنهن مون کي موڪليو آهي سو مون ساڻ آهي. هن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هميشہ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آهن.“


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خدا وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پيءُ پنهنجي فرزند کي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ