Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:38 - Muslim Sindhi Bible

38 پوءِ عيسيٰ کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 پوءِ يسوع کي وري بہ دل ۾ رنج ٿيو، ۽ قبر تي آيو. اُها هڪڙي غار هئي، ۽ ان جي آڏو هڪ پهڻ ڏنل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 پوءِ يسوع کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 پوءِ عيسيٰ جي دل وري بہ ڀرجي آئي ۽ ھو قبر تي آيو. اھا قبر ھڪ غار ھئي جنھن جي منھن تي پٿر ڏنل ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:38
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابراهيم پنهنجيءَ زال سارہ کي مڪفيلاہ واري ٻنيءَ جي غار ۾ دفن ڪيو. اها غار ڪنعان ملڪ جي ممري شهر جي اوڀر ۾ حبرون جي ڀرسان آهي.


”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟


تنهنڪري اي حزقي‌ايل! آهون ۽ دانهون ڪر، هائو، ڏک ۽ صدمي وچان آهون دانهون ڪر، جيئن هر ڪو تو کي ڏسي.


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو.


پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون.


پوءِ يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو ۽ عيسيٰ جي لاش کي لهرائي اُن ۾ ويڙهيائين ۽ اهو ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هڪڙي قبر ۾ آڻي رکيائين. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي ان قبر جي منهن تي ڏنائين.


تنهن تي هن ٿڌو ساهہ کڻي چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو نشاني ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“


اتي پهچي ڏٺائون تہ پٿر جيڪو قبر جي منهن تي ڏنل هو، سو پاسي تي رڙهيو پيو آهي.


عيسيٰ جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس.


آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ