Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:24 - Muslim Sindhi Bible

24 مارٿا وراڻيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هو آخرت جي ڏينهن يعني قيامت تي سڀني مئلن سان گڏ وري جيئرو ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 مارٿا چيس تہ مون کي خبر آهي، تہ هو پوئين ڏينهن قيامت ۾ جي اُٿندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 مارٿا وراڻيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هو انتم ڏينهن يعني قيامت تي سڀني مئلن سان گڏ وري جيوت ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 مارٿا وراڻيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ ھو قيامت جي وقت آخرت جي ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:24
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! آءٌ بي‌قصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


هائو، قادرِمطلق خداوند موت کي هميشہ لاءِ ماري مات ڪري سڀني جي اکين مان ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. هو سڄيءَ دنيا مان پنهنجي قوم جي خواري مِٽائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تان‌تہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.


تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ضرور ملندو.“


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”تنهنجو ڀاءُ وري جيئرو ٿيندو.“


جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن جي مرضي اها آهي تہ جيڪي بہ هن مون کي ڏنا آهن تن مان هڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ آخرت جي ڏينهن تي انهن سڀني کي وري جيئرو ڪري اٿاريان.


هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“


مون کي خدا ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.


۽ ڪن عورتن کي سندن مري ويل پيارا وري جيئرا ٿي مليا. ايمان جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيئرا ٿي بهتر زندگي حاصل ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ