Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آهي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اهي ڳالهيون ڪري رهيو، تنهن کان پوءِ هنن کي چيائين تہ اسان جو دوست لعزر سمهي رهيو آهي؛ پر آئون هلان ٿو تہ هلي ننڊ مان جاڳايانس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ يسوع وڌيڪ چين تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آهي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 عيسيٰ ھن کان پوءِ وڌيڪ چيو تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آھي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:11
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيحازي هنن کان اڳ ۾ هليو ويو ۽ وڃي ٻار جي منهن تي اها لٺ رکيائين، پر ٻار نہ ڪو آواز ڪڍيو نہ ئي وري ڪا چرپر ڪيائين. سو جيحازي موٽندي اليشع سان گڏيو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”ٻار تہ ڪين اٿيو.“


تون ئي تہ اسان جو خدا آهين، جنهن هن ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو ۽ هي ملڪ پنهنجي دوست ابراهيم جي اولاد کي هميشہ جي لاءِ عطا ڪيو.


خداوند موسيٰ سان روبرو ائين ڳالهائيندو هو جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي. پوءِ موسيٰ موٽي خيمي‌گاهہ ۾ ايندو هو. پر سندس خدمتگار يشوع ولد نون، جيڪو هڪڙو نوجوان ماڻهو هو سو انهيءَ تنبوءَ جي اندر ئي رهندو هو.


پر اي منهنجا ٻانها بني اسرائيل وارؤ! هائو، اي منهنجا چونڊيل بني يعقوب وارؤ! اوهين منهنجي دوست ابراهيم جي نسل مان آهيو.


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


۽ قبرون ڦاٽي پيون. پوءِ ڪيترائي خداپرست ماڻهو جيڪي مري ويا هئا، سي جيئرا ٿي


اهو ڏسي هن چيو تہ ”ٻاهر نڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڇوڪري مُئي ڪانہ آهي، پر ننڊ پيئي آهي.“ تنهن تي سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


گھر ۾ داخل ٿيندي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو رڙو؟ ڇوڪري مئي تہ ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“


پر جيڪڏهن ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي روشني نہ آهي.“


تنهن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن لعزر ننڊ ۾ آهي تہ بچي پوندو.“


عيسيٰ تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالهہ ڪئي، پر هنن سمجھيو تہ عيسيٰ ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي.


ٻنهي ڀينرن عيسيٰ کي چوائي موڪليو تہ ”خداوند! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“


گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي.


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! هنن جي هن گناهہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


تڏهن چئجي تہ جيڪي بہ مسيح تي ايمان رکندڙ مري چڪا آهن سي برباد ٿي ويا.


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ راز ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين ايمان وارا سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري صور جي ڦوڪ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيئرا سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اها صور جڏهن ڦوڪي ويندي، تڏهن مري ويلن کي بقا واري حالت ۾ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ سندس اچڻ وقت اسين جيئرا هجون توڙي مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئرا رهون.


اهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ انهيءَ ڪري هو خدا جو دوست سڏيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ