Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:36 - Muslim Sindhi Bible

36 سو جڏهن پيءُ پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن دنيا ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 تہ هاڻي جنهن کي پيءُ پاڪ ڪري جهان ۾ موڪليو آهي، تنهن بابت ڇا ٿا چئو تہ تون ڪفر ٿو بڪين؛ ڇالاءِ جو مون چيو تہ آئون خدا جو فرزند آهيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 سو جڏهن پتا پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن سنسار ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ايشور جي نندا ڪئي آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 جيتري قدر منھنجو واسطو آھي تہ پيءُ مون کي چونڊيو آھي ۽ ھن دنيا ۾ موڪليو آھي. پوءِ اوھين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آھي جو مون چيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:36
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اِجھو، منهنجو پيارو ٻانهو ڏسو، جنهن کي مون طاقت بخشي آهي. هي منهنجو مخصوص ڪيل آهي، جنهن کان آءٌ بيحد خوش آهيان. مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي، سو هو هر قوم کي فوري انصاف مهيا ڪندو.


هو ڦٿل ڪاني کي بہ نہ ڀڃندو، نڪي اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو، بلڪ هو سڀني کي ديانتداريءَ سان فوري انصاف مهيا ڪندو.


ڏسو، مون هن کي قومن جو اڳواڻ ۽ حڪمران مقرر ڪيو. هن جي وسيلي مون قومن کي پنهنجي قدرت ڏيکاري.


”جڏهن مون تو کي ماءُ جي پيٽ ۾ خلقيو، تنهن کان اڳ ئي مون تو کي چونڊي ڇڏيو هو. تنهنجي ڄمڻ کان اڳ مون تو کي مخصوص ڪري دنيا کان ڌار ڪيو هو ۽ تو کي قومن جو نبي مقرر ڪري ڇڏيو هو.“


هو خدا تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ خدا هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان.‘“


فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو خدا جو فرزند هو.“


ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.


ڏسو، خدا انهن کي پنهنجا فرزند سڏيو جن کي سندس پيغام مليل هو. هاڻ پاڪ ڪلام تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي.


جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي دنيا ۾ موڪليو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي بابا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن دنيا يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


جيڪو پيغام تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن ايمان آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جو فرزند هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.


خدا پنهنجو فرزند دنيا ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو دنيا کي گنهگار قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.


”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.


فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان دائمي زندگي ٿي ملي. اهو کاڌو ابنِ آدم اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پيءُ يعني خدا هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


جهڙيءَ طرح پيءُ جيڪو زندہ آهي تنهن مون کي موڪليو آهي ۽ آءٌ هن جي ڪري زندہ آهيان، تهڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منهنجي ڪري زندہ رهندو.


اسين اوهان تي ايمان آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو اٿئون تہ اوهين ئي خدا جي طرفان پاڪ هستي آهيو.“


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خدا وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


اهي ئي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ جسماني طور مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي واکاڻ هميشہ ٿئي. آمين.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ