Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:24 - Muslim Sindhi Bible

24 تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تڏهن يهودي ويڙهي ويس، ۽ چيائونس تہ تون اسان کي ڪيستائين شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف چئي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 تہ ماڻھو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ اسان کي صاف سچ ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح آھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن الياس سڀني ماڻهن جي اڳيان بيهي چوڻ لڳو تہ ”اوهين ڪيستائين ٻِہ‌دليا ٿي رهندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ انهيءَ جي پٺيان لڳو، پر جيڪڏهن بعل خدا آهي تہ پوءِ انهيءَ جي پٺيان لڳو.“ پر ماڻهن ڪجھہ بہ نہ ڪُڇيو.


هنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


عيسيٰ هي ڳالهيون کولي کولي چيون. تنهن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهن ڳالهين بابت جھڻڪيون ڏيڻ لڳس.


هاڻي ماڻهن ۾ جڏهن هڪ آس پيدا ٿيڻ لڳي تڏهن هو يحيٰ بابت انهيءَ ويچار ۾ پئجي ويا تہ ”ڇا هي مسيح تہ نہ آهي!“


يحيٰ جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يحيٰ ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“


تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن.


تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ڪفر بڪڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏين ٿو.“


”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پيءُ بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس.


تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تون ڪير ’اهو ئي‘ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان، جيئن شروعات کان وٺي اوهان کي چوندو آيو آهيان.


اسان جو پيءُ ابراهيم جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ نبي بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“


سندس ماءُ پيءُ يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان خدمت ڪريون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ