Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:16 - Muslim Sindhi Bible

16 منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن، جي هن واڙي جون نہ آهن: اُنهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي، ۽ اُهي منهنجو آواز ٻُڌنديون؛ پوءِ هڪڙو ڌڻ ٿيندو ۽ هڪڙو ڌنار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:16
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.


ڏاهپ جون ڳالهيون ريڍار جي انهيءَ لٺ مثل آهن، جنهن سان هو رڍن کي هڪلي ٿو. هائو، اهي گڏ ڪيل نصيحتون سُوئي وانگر چڀندڙ آهن. اهي سڀ نصيحتون انهيءَ جي طرفان عطا ڪيل آهن، جيڪو اسان سڀني جو ڌنار آهي.


انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو.


آءٌ اتر توڙي ڏکڻ کي پڻ حڪم ڪندس، تہ اهي واپس ايندڙ ماڻهن کي نہ روڪين، جيڪي مون لاءِ پٽن ۽ ڌيئرن جي مثل آهن، تان‌تہ اهي ڏورانهن ملڪن ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان موٽي پنهنجي وطن ۾ اچن.


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


خداوند خدا، جيڪو بني اسرائيل جي جلاوطن ٿيلن کي وري وطن ۾ آڻي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ غير قوم وارن کي بہ پنهنجي قوم ۾ آڻي اوهان سان گڏ ڪندس.“


هائو، آءٌ بلڪل اهڙيءَ طرح سندن سار سنڀال لهندس جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ٽڙي پکڙي ويل رڍن ٻڪرين کي وري آڻي گڏ ڪندو آهي. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي انهن سڀني جاين تان آڻي وري گڏ ڪندس، جن جاين ڏانهن اهي اونداهي ۽ مصيبت واري ڏينهن ڇڙوڇڙ ٿي ويون هيون.


آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان هڪڙو ڌنار اوهان تي مقرر ڪندس، جيڪو منهنجي ڌڻ جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪندو.


سو منهنجيون رڍون ٻڪريون هر پهاڙ ۽ اوچي ٽڪر تي رلنديون رهيون. هائو، منهنجيون رڍون ٻڪريون سڄيءَ دنيا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. مگر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي کين هٿ ڪري.


آءٌ انهن کي سندن ملڪ ۾، سندن ئي جبلن منجھہ گڏي هڪڙي ئي قوم بڻائيندس. انهن سڀني تي هڪڙو ئي بادشاهہ حڪومت ڪندو. پوءِ اهي وري ڪڏهن بہ ٻن قومن يا ٻن بادشاهتن جي صورت ۾ ورهائجي نہ ويندا.


منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“


انهيءَ ڏينهن گھڻيون ئي قومون خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿينديون ۽ سندس قوم بڻبيون. سو جڏهن خداوند اوهان يهوداہ وارن جي وچ ۾ اچي رهندو، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ انهيءَ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


”يا فرض ڪريو تہ هڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏهہ سڪا آهن ۽ هڪ وڃائجي وڃيس، تہ اها ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻهاريندي ۽ ڌيان سان پيئي ڳوليندي رهندي جيستائين اهو نہ لهندي.


آءٌ چڱو ريڍار آهيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏئي ٿو.


جيڪو ماڻهو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آهي.


آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.


دربان هن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون هن جو آواز ٻڌن ٿيون. هو نالو وٺي پنهنجي رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاهر آڻي ٿو.


جڏهن هو انهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي اچي ٿو، تڏهن هو سندن اڳيان ٿي هلي ٿو ۽ رڍون هن جي پٺيان هلن ٿيون، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جو آواز سڃاڻين ٿيون.


اهي ڪنهن ڌارئي جي پٺيان نہ هلنديون، بلڪ انهيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“


۽ نہ رڳو ان قوم لاءِ مرندو، بلڪ انهيءَ لاءِ بہ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن تن کي گڏي هڪ ڪري.


آءٌ رڳو انهن لاءِ دعا نہ ٿو گھران جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، پر انهن لاءِ بہ دعا گھران ٿو جيڪي سندن پيغام جي وسيلي مون تي ايمان آڻيندا،


پر جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس.


شمعون پطرس بيان ڪيو آهي تہ ڪيئن خدا غير قومن تي پنهنجي فضل جي شروعات ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ منجھائن هڪ اهڙي قوم بڻائي جيڪا سندس نالي سان سڏجي.


جيئن تہ آءٌ تو ساڻ آهيان، سو ڪوبہ ماڻهو حملو ڪري تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، ڇو تہ هن شهر ۾ منهنجا گھڻا ئي ماڻهو آهن.“


پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي رحمت ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي خدا جي رحمت ٿي اٿوَ.


هائو، اڳي اوهين ڀٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان وٽ موٽي آيا آهيو.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي ماني کائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ